محمد عثمان ڀنڀرو

محمد عثمان ڀنڀرو :عمرڪوٽ ضلعي جي مشهور عالم علامه محمد عثمان جي ڪُنيت ”ابوالسعيد“ ۽ تخلص ”قراني“ هو. هن جو تعلق ڀنڀرا ذات سان هو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 27 صفرالمظفر 1294هه مطابق 1877ع ۾ ڳوٺ ڍينگاڻ ڀرڳڙي تعلقي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد)، ضلعي ٿرپارڪر (هاڻي ميرپور خاص) ۾ ٿي. جڏهن ستن سالن جو ٿيو ته سندس والد کيس حاجي احمد شاهه وٽ قرآن پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. فارسيءَ جي تعليم ميان محمد علي پٺاڻ (ڳوٺ سيد لاکي شاهه) وٽ ٿوري عرصي اندر حاصل ڪيائين. ميان محمد عليءَ کي شعر گوئي ۽ نظم سنجيءَ ۾ ڪافي دسترس هئي، تنهنڪري سندس صحبت ۾ شعر گوئي ۽ نظم چوڻ ۾ وڏو ملڪو حاصل ڪيائين. فارسيءَ جي تعليم مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ عربي تعليم مخدوم قاضي القضاة مولانا محمد متعلويءَ وٽ ٽنڊي مير غلام عليءَ ۾ ورتائين. صرف ۽ نحو شرح ملا جاميءَ تائين ۽ علم فقه ۾ ”هدايه“ پڙهيائين. علم منطق ۽ نحو مولانا خير محمد وٽ پڙهيائين. آخر دستاربندي ۽ سند تحصيل علم مولوي محمد متعلويءَ کان ورتائين. تحصيل علم کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ 1315هه/1897ع ۾ پنهنجي ڳوٺ عمر ڀنڀري لڳ اسٽيشن شادي پلي (تعلقي ساماري ضلعي ميرپور خاص) ۾ ”مدرسه مجدديه“ (ڀنڀري) قائم ڪري، ٿر جھڙي پوئتي پيل علائقي ۾ خلق خدا کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. هن 15 رجب المرجب 1355هه/1936ع تي سومر جي ڏينهن وفات ڪئي. کيس سندس وصيت مطابق مدرسي جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ محمد عثمان ڀنڀروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو